loader image

Latest News & Article

Post: شهيد بينظيرآباد ڊويزنل انڊر 25 اسپورٽس فيسٽيول ۾ مختلف راندين جا دلچسپ مقابلا جاري

شهيد بينظيرآباد ڊويزنل انڊر 25 اسپورٽس فيسٽيول ۾ مختلف راندين جا دلچسپ مقابلا جاري

نوابشاهه (هه۔آ) ڊويزنل انڊر 25 اسپورٽس فيسٽيول شھید بینظیرآباد ڊویزن تحت شهيد بينظيرآباد، سانگھڙ ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي ٽيمن وچ ۾ مختلف راندين جا شاندار مقابلا جاري فاتح ٽيمن ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن شهمير خان ڀٽو ۽ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر شهيد بينظيرآباد عبدالرحيم راجپوت ٽرافيون ۽ انعام ورهايا.تفصيل موجب ڊويزنل انتظاميه ۽ راندين واري کاتي پاران منعقد ڪيل ڊويزنل انڊر 25 اسپورٽس فيسٽيول 2026 جي چوٿين ڏينهن فٽبال، ٽگ آف وار (ميل/فيميل)، اسڪيپنگ روپ (ميل/فيميل)، ٿرو بال گرلز، ڪراٽي، هاڪي ۽ شوٽنگ بال جا شاندار مقابلا ٿيا.ٽنهي ضلعن جي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي ڊسٽرڪٽ شهيد بينظيرآباد شوٽنگ بال، ٽگ آف وار گرلز، فٽبال ۽ اسڪيپنگ روپ گرلز ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيا.ڊسٽرڪٽ سانگهڙ ٽگ آف وار ميل، ٿرو بال گرلز، اسڪيپنگ روپ بوائز ۽ ڪراٽي ۾ گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيا.فٽبال جي اهم ميچ ۾ ڊسٽرڪٽ شهيد بينظيرآباد ڊسٽرڪٽ نوشهروفيروز کي 5-0 تان شڪست ڏئي گولڊ ميڊل ۽ ونر ٽرافي حاصل ڪئي، جڏهن ته سانگهڙ ٻئي ۽ نوشهروفيروز ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.شوٽنگ بال ۾ به ڊسٽرڪٽ شهيد بينظيرآباد ڊسٽرڪٽ نوشهروفيروز کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل ماڻيو، جڏهن ته نوشهروفيروز ٻئي ۽ سانگهڙ ٽئين پوزيشن تي رهيا.ٽگ آف وار فيميل ۾ شهيد بينظيرآباد جي گرلز سخت مقابلي کان پوءِ سانگهڙ کي هارائي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. ٽگ آف وار ميل ۾ سانگهڙ ضلعي جي ٽيم بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري گولڊ ميڊل ۽ ونر ٽرافي حاصل ڪئي، جڏهن ته شهيد بينظيرآباد ٻئي ۽ نوشهروفيروز ٽئين پوزيشن تي رهيا.هاڪي ايونٽ ۾ سانگهڙ ڊسٽرڪٽ نوشهروفيروز کي ليگ ميچ ۾ شڪست ڏني. اسڪيپنگ روپ گرلز ۾ شهيد بينظيرآباد پهرين، سانگهڙ ٻي ۽ نوشهروفيروز ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته اسڪيپنگ روپ بوائز ۾ سانگهڙ پهرين، شهيد بينظيرآباد ٻي ۽ نوشهروفيروز ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.ڪراٽي جي مقابلي ۾ سانگهڙ جي رانديگرن اٺ وزن ڪيٽيگريز مان ست گولڊ ميڊل کٽي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، شهيد بينظيرآباد هڪ گولڊ ميڊل سان ٻي ۽نوشهروفيروز ٽئين پوزيشن تي رهيو. ٿرو بال گرلز ۾ سانگهڙ پهرين، شهيد بينظيرآباد ٻي ۽ نوشهروفيروز ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.تقريب ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن مهمانِ خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ فاتح ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهايا.ڊويزنل انڊر 25 اسپورٽس فيسٽيول تحت پنجين ڏينهن ڇنڇر تي اٿليٽڪس بوائز، هاڪي، ڪرڪيٽ ۽ تائيڪوانڊو جا مقابلا ٿيندا، جڏهن ته فيسٽيول جي اختتامي تقريب 16 فيبروري تي بلاول اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ منعقد ٿيندي.

Share this post :

Facebook
Twitter
LinkedIn